پکان بيد

پکان بيد: هڪ قسم جو پسارڪو وکر، جيڪو اڇاڻ مائل هلڪي ڳاڙهي رنگ جي هڪ پاڙ آهي. طبي لحاظ سان اهميت رکي ٿو، جگر جي سوڄ، ٻرهل، معدي جي سور، گردي جي سور، پيشاب جي ساڙي، پرميل، مثاني جي بيمارين، يرقان ۽ پاسي جي سور لاءِ حڪيم ان کي مختلف طريقن سان استعمال ڪرائيندا آهن، هن وکر کي ڳوٺاڻا ماڻهو سُرڪي ۾ گهي وڇونءَ جي ڏنگ تي هڻندا آهن ته زهر مٿي نه چڙهندو آهي. هن جو گهڻو استعمال اسقاط حمل جو باعث ٿي سگهي ٿو، ان ڪري هن جي استعمال ۾ احتياط جي ضرورت هوندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو